ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھه جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ مختلف قبيلائي تڪرار ختم ٿيڻ سان اغوا جون وارداتون گهٽ ٿينديون، جيڪڏهن قبائلي تڪرار ختم ٿيڻ بعد به اغوا جي واقعن ۾ گهٽائي نه آئي ته پوءِ ڏوهارين سان اسان جي جنگ جاري رهندي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھه وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن جي ڪچي ۾ ڏوهارين جو جلد خاتمو ٿيندو، ڪچي جي علائقي جي مختلف برادرين شر، ڌونڌو، ڀٽا، سيلرا ۽ ٻين ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي جيڪي هاڻي ختم ثيڻ گهرجن. پير محمد شاھ وڌيڪ چيو ته جيڪي به ڏوهاري ڪيسن ۾ گهربل آهن اهي پوليس وٽ پاڻ پيش ٿين ته بهتر آهي.