لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ 5 نين هائبرڊ ڊبل ڊيڪر بسن جو افتتاح ڪيو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهي بسون هلايون پيون وڃن.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز 5 نين هائبرڊ ڊبل ڊيڪر بسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هن هائبرڊ ڊبل ڊيڪر بس ۾ سفر ڪري معائنو ڪيو.
ان موقعي تي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ ميٽروپوليٽن ٽورازم لاءِ نيون ماحول دوست بسون فراهم ڪنداسين، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائبرڊ ڊبل ڊيڪر بسون هلايون پيون وڃن.
مريم نواز کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ سياحت لاءِ نون روٽن تي 5 نيون هائبرڊ ڊبل ڊيڪر بسون هلايون وينديون ۽ بهاولپور، راولپنڊي ۾ به هڪ هڪ ڊبل ڊيڪر بس جي واڌ ڪئي ويندي.
اختيارين طرفان ٻڌايو ويو ته ملتان، فيصل آباد ۾ به سياحت لاءِ ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ٿيندي، جڏهن ته لاهور ۾ 3 نين بسن جو روٽ قذافي اسٽيڊيم کان مختلف سياهتي ماڳن تائين هوندو.
Prev Post
You might also like