سعودي عرب پينو فقيرن کان تنگ ٿي پاڪستاني اختيارين کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حج واري وزارت پاڪستاني اختيارين کي پينُن جي آمد روڪڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب سعودي عرب جي حج واري وزارت پاڪستان کي تنبيهه جاري ڪئي آهي.
سعودي اختيارين چيو آهي ته پاڪستاني پينو فقيرن کي نه روڪيو ويو ته عمري زائرين ۽ حج پانڌيئڙن تي اثر پئجي سگهي ٿو، پاڪستاني پينو سعودي عرب ۾ عمري جي ويزا تي ايندا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن واري وزارت ”عمره ايڪٽ“ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ عمرو ڪندڙن کي ٽريولز جي قانوني دائري ۾ آندو ويندو.
مذهبي معاملن واري وزارت پاڪستاني پينن کي سعودي عرب وڃڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت سان به رابطو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.