قتل جي 16 سالن کانپوءِ عورت جو لاش برآمد

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ پوليس کي هڪ عورت جو لاش مليو، جنهن کي 16 سال اڳ سندس بواءِ فرينڊ قتل ڪيو هو.
پوليس 16 ورهيه اڳ پنهنجي گرل فرينڊ کي قتل ڪرڻ ۽ ان جو لاش گهر جي گيلري ۾ دفنائڻ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گيونگنام صوبائي پوليس ۽ جيوجي پوليس اسٽيشن موجب جوابدار تي آڪٽوبر 2008 ۾ عورت کي بحث دوران قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت تي ڪنهن وزني شئي سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ هن لاش هڪ وڏي ٿيلهي ۾ لڪائي ڇڏيو، جوابدار سرن جو استعمال ڪندي لاش گيلري ۾ دفنائي ڇڏيو.
ٽن سالن تائين عورت جي گمشدگي جو اطلاع نه ڏنو ويو، ڇو ته هوءَ پنهنجي خاندان سان رابطي ۾ نه هئي.
2011 ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت جاچ دوران جوابدار پوليس کي ٻڌايو هو ته ان جو عورت سان واسطو ختم ٿي چڪو آهي ۽ شاهديون نه هجڻ سبب جاچ ۾ شامل نه ٿي سگهيو هو.
هن سال جوابدار کي منشيات جي استعمال جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، عورت جو لاش گيلري ۾ پاڻي جي لائن جي مرمت دوران برآمد ٿيو.
پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ فنگر پرنٽس جي مدد سان ڪئي وئي، جوابدار جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، جاچ تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ جوابدار کي جلد سزا ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.