لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو.
انگلينڊ 3 ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ايندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 7 کان 11 آڪٽوبر تائين ملتان ۾ کيڏي ويندي.
قومي ٽيم جي سليڪٽرن اڱاري تي انگلينڊ خلاف ملتان ٽيسٽ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ شان مسعود (ڪپتان)، سعود شڪيل (نائب ڪپتان)، عامر جمال، عبدالله شفيق، ابرار احمد، بابر اعظم، مير حمزا، محمد هريرا، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، نسيم شاهه، نعمان علي، صائم ايوب، سلمان آغا، سرفراز احمد (وڪيٽ ڪيپر) ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.
You might also like