نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته غزا ۾ فوري طور جنگبدي معاهدي جي ضرورت آهي، وچ اوڀر ۾ جنگ جي پکيڙ ڪنهن جي حق ۾ ناهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪي صدر طور پنهنجي آخري تقرير ۾ جو بائيڊن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته اهو يقيني بڻائي ته ان تي ٻيهر حملو نه ٿئي، ٻن رياستن جو قيام ئي فلسطين مسئلي جو حل آهي.
هن چيو ته فلسطينين کي پنهنجي رياست ۾ رهڻ جو حق ملڻ گهرجي، غزا ۾ فوري طور جنگبندي معاهدي جي ضرورت آهي، غزا جي صورتحال خراب آهي پر سفارتي حل هاڻ به ممڪن آهي.
You might also like