فواد خان هڪ ڀيرو ٻيهر بالي ووڊ فلم ۾ نظر ايندو

ناليوارو پاڪستاني اداڪار فواد خان هڪ ڀيرو ٻيهر بالي ووڊ ۾ واپسيءَ لاءِ تيار آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 2016 ۾ رليز ٿيندڙ بالي ووڊ فلم ”اي دل هي مشڪل“ کانپوءِ فواد خان هاڻ ڀارتي اداڪارا رڌي ڊوگرا سان گڏ فلم ۾ نظر ايندو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فواد خان ڀارتي ٽي وي جي مشهور اداڪارا رڌي ڊوگرا سان گڏ هڪ رومانٽڪ ڪاميڊي فلم ڪندو، جنهن لاءِ ٻين اداڪارن جي چونڊ ٿيڻ باقي آهي.
رپورٽ موجب اهو پراجيڪٽ شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ ان حوالي سان پيپر ورڪ تازو مڪمل ڪيو ويو آهي، فلم ڊائريڪٽر جو نالو اڃا سامهون ناهي آيو ۽ ان کي ڳجهو رکيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ڪئي ويندي ۽ 2025 جي آخر يا 2026 جي شروعات ۾ اها رليز ٿيندي.
فواد خان جي فلم جي شوٽنگ نيو يارڪ ۽ لنڊن سميت مختلف هنڌن تي ٿيندي.
واضح رهي ته فواد خان 2014 ۾ سونم ڪپور سان گڏ فلم ”خوبصورت“ ذريعي بالي ووڊ ڊيبيو ڪيو هو، ان فلم ۾ بهترين اداڪاري تي کيس فلم فيئر ايوارڊ به مليو هو.
فواد خان ”اي دل هي مشڪل“ کانسواءِ ”ڪپور ايڊ سنز“ ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.