اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پارليامينٽ جي قانون سازي سپريم ڪورٽ جي فيصلن کان مٿانهين آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون سازي پارليامينٽ جو حق آهي ۽ قانون جي شاگرد طور منهنجي سامهون فيصلي ۾ ڪجهه نيون شيون آهن.
هن چيو نظرثاني اپيل بلڪل غير اثرائتي ناهي ٿي، سياسي جماعتن جي نظرثاني جون درخواستون پيون آهن، قانون تمام واضح آهي ته آزاد اميدوار کي 3 ڏينهن ۾ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي آهي، منهنجي نظر ۾ اهو مونجهارو آهي، جيڪو نظرثاني اپيل ۾ ڪليئر ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ تازي قانون سازي ڪئي، جنهن جو عدالتي فيصلي ۾ ذڪر ناهي، اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪمن باوجود اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو.
You might also like