توشا خانا ٽو ڪيس، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) توشا خانا 2 ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي تي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي.
جوابدارن پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي چالان جون ڪاپيون ڏنيون ويون، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته ضمانت جي درخواست نيب قانون تحت داخل ڪرائي وئي هئي، توشا خانا ٽو ڪيس ايف آءِ اي کي منتقل ٿي چڪو آهي، ايف آءِ اي قانونن تحت اها ضمانت جي درخواست نٿي ٺيه.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته جوابدار يا ته ڏنل ضمانت جي درخواست ۾ ترميم ڪن يا وري نئين درخواست ڏين.
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست غير اثرائتي قرار ڏئي ڇڏي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان صفدر نئين ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي ۽ شروعاتي دليل ڏنا.
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
توشا خانا 2 ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.