باڪسرن جو پرڏيهه ۾ گم ٿيڻ وارو معاملو، باڪسنگ فيڊريشن جي عهديدارن تي تاحيات پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني باڪسرن جي پرڏيهه ۾ گم ٿيڻ واري معاملي تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ باڪسنگ فيڊريشن جي عهديدارن تي تاحيات پابندي مڙهي ڇڏي.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ باڪسنگ فيڊريشن جي صدر ۽ سيڪريٽري تي تاحياب پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
انڪوائري ڪميٽي جاچ ڪري ٻنهي عهديدارن تي پابندي جي سفارش ڪئي هئي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي بورڊ آف گورنر جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد جي منظوري ڏني وئي.
ڪميٽي جي سفارشن تي پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي صدر خالد محمود ۽ سيڪريٽري ناصر تونگ تي تاحيات پاپندي لڳائي وئي.
خالد محمود پاڪستان اولپمڪس ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري پڻ آهي، خالد محمود تي تاحيات پابندي کانپوءِ پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي عهدي تي به سوليا نشان لڳي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.