پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو اسرائيل بابت موقف واضح آهي، حڪومت وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه آهي.
اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ ۾ ڇپيل مضمون تي ردِعمل ڏيندي بئريسٽر سيف چيو ته جيڪڏهن يهودي ميڊيا پي ٽي آءِ باني جي واکاڻ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي ان جي وضاحت ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، پهريان انهن ماڻهن کي مودي سان لاڳاپن ۽ ڀارتي انجينيئرز جي وضاحت ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ساراهه يهودي ميڊيا ڪئي آهي ته انهن کان پڇاڻو، باني وضاحت ڇو ڏئي؟ حڪومت لاهور واري ڪامياب جلسي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڏورانهين ڏيهن کان کان مواد ڳولي آڻي رهي آهي.
You might also like