”مولا جٽ“ جي ڀارت ۾ رليز کان اڳ هندو انتهاپسند پارٽي جي ڌمڪي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هندو انتهاپسند پارٽي نونريمان سينا جي سربراهه راج ٺاڪري ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارت ۾ پاڪستاني فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ رليز ڪئي وئي ته سخت ردعمل ڏينداسين.
راج ٺاڪري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان پاڪستاني فلم کي مهاراشٽرا ۾ رليز جي اجازت نه ڏينداسين، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جي لاڳاپن کي ڏسندي پاڪستاني فلمن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته فن جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ٻين ملڪن سان اهو سڀ ٺيڪ آهي پر پاڪستان جي معاملي ۾ ائين نه هلندو، نه اسان پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت ۾ اچڻ جي اجازت ڏينداسين ۽ نه انهن جي فلمن کي رليز ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت کي پاڪستاني فلم جي ملڪ جي ڪنهن به رياست ۾ رليز جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، ٻين رياستن جي ڳالهه نه ڪندس، انهن بابت هر رياست جو وزيراعليٰ سوچيندو پر منهنجي رياست مهاراشٽرا ۾ اها فلم رليز نه ٿيندي.
واضح رهي ته فواد خان، ماهرا خان، حمزا عباسي ۽ حمائما ملڪ جي فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ 2 آڪٽوبر تي ڀارتي رياست پنجاب ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.