اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي آمريڪا پهچندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سيشن ۾ شرڪت ڪندو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن لنڊن پهتو هو، جتان هو سڀاڻي آمريڪا پهچندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سيشن ۾ شرڪت ڪندو.
پرڏيهي وزارت جي پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تي نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي سيشن ۾ شرڪت ڪندو، هو 27 سيپٽمبر تي خطاب ڪندو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ان دوران ڪجهه عالمي اڳواڻن سان ڳالهين کانسواءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سان به ملندو.
You might also like