عائزا خان ڪهڙي بالي ووڊ اداڪارا کان متاثر ٿي اداڪاري شروع ڪئي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا عائزا خان انڪشاف ڪيو آهي ته مان بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور کان متاثر ٿي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو هو.
عائزا خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي نئين وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن ڪرينا ڪپور جهڙو اسٽائل اختيار ڪري ان جي فلمي ڊائلاگز تي منظرڪشي ڪئي.
وڊيو ۾ عائزا خان بالي ووڊ فلم ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ مان ڪرينا ڪپور جي مشهور ڊائلاگ تي لپ سنڪ ڪندي ان جهڙي اداڪاري ڪئي.
اداڪارا وڊيو پوسٽ ڪندي لکيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته مان ڪرينا ڪپور کي ڏسي ئي اداڪاري شروع ڪئي هئي؟ ڇا توهان کي اندازو آهي ته مان ڪرينا ڪپور جي فلم ”جب وي ميٽ“ ڪيترا دفعا ڏٺي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.