ھڪ گوريلو اڳواڻ

تحرير: عاجز جمالي

ھو جنھن ڏينھن تي آزاد ٿي ستر ڪلفٽن پھتو ھئو ته مان ان وقت اتي موجود ھوس. مان ھفتيوار آرسي مئگزين لاءِ رپورٽنگ ڪندو ھوس، ستر ڪلفٽن جي آڳنڌ تي ڏاڍي رش لڳل ھئي. پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جا ڪارڪن پر جوش نعرا ھڻي رھيا ھئا، ممتاز ڀٽو، مخدوم خليق الزمان ، قاضي شفيق مهيسر ، عاشق جتوئي سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ به ستر ڪلفٽن تي موجود ھئا، جڏھن مير مرتضي ڀٽو داخل ٿيو ته سندس قميص پگھر ۾ شل ھئي کيس بوسڪي جي قميص ۽ شلوار پاتل ھئي، باقي سوين ماڻھن سان گڏ مان به ساڻس ڀاڪر پائي مليس ، سندس پيشانيءَ مان پگھر ٽمي رھيو ھئو ،قداور شخص، گرجدار آواز ،سندس متاثر ڪندڙ سياسي شخصيت ھئي. مون سندس پريس سيڪريٽري ۽ مساوات جي پراڻي ايڊيٽر عنايت حسين کي انٽرويو لاءِ عرض ڪيو ،ھن وراڻيو ته مان انٽرويوز جي لسٽ ۾ اوھان جو به نالو شامل ڪريان ٿو.

مھيني ڏيڍ بعد مون ساڻس پھريون باضابطا انٽرويو ڪيو، منھنجي ساڻس اڌ ڪلاڪ کن ڪچھري رھي ، جيڪا مون رڪارڊ ڪئي ، مون کائنس الذوالفقار جي باري ۾ به سوال ڪيو ھئو ته چوڻ لڳو اھا ڊگھي ڪھاڻي آھي ڪنھن ٻئي انٽرويو ۾. بد قسمتيءَ سان سھيل سانگي صاحب جو آرسي مئگزين ھلي نه سگھيو، مان ڪجھه عرصي بعد ٻيھر ٻئي اداري ۾ ھليو ويس، مون هڪ اخبار لاءِ مير مرتضي ڀٽو کان ھڪ تفصيلي انٽرويو ڪيو ھئو ، جيڪو ٽيپ رڪارڊ جي ھڪ پوري ڪئسٽ جيترو ٿيو ،يعني پورو ڪلاڪ ھليو، اخبار جي پوري صفحي تي ھي انٽرويو ڇپيو ھئو، ٽيون ڀيرو اسان کائنس ھڪ پينل انٽرويو ڪيو ھئو، اھڙي ريت مير مرتضي ڀٽو سان ھڪ صحافي جي حيثيت ۾ منھنجون ٽي ملاقاتون ٿيون جيڪي سڀ آن رڪارڊ ھيون. انهن ٽنھي انٽرويوز ۾ ھن الذوالفقار ۽ پي آئي اي جي جھاز جي ھائيجيڪنگ جي سوال تي ڪوبه کليل جواب ته ڪونه ڏنو پر الذوالفقار کان انڪار به نه ڪيو، ھن ٻڌايو جنرل ضياءَ جي مارشل لا خلاف اسان ھر قسم جي جدوجھد ڪئي ،ان ۾ گوريلا جدوجھد به شامل ھئي، ڇو ته ملڪ جي نوجوانن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت بعد جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف نفرت جي لھر ھئي ، ايتري قدر جو نوجوانن پاڻ کي باھيون ڏنيون ھيون.

ويھين سيپٽمبر 1996 جو اھو ڏينھن به مون کي ياد آھي جڏھن نيو ڪراچي ۾ جلسو رکيل ھئو، مرتضي ڀٽو جو ويجھو ساٿي مقبول چانڊيو اسان جو دوست ھئو جنھن مون کي جلسي ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني ھئي پر ان جلسي ۾ شريڪ ڪونه ٿيو ھوس، اھو مرتضي ڀٽو جي حياتيءَ جو آخري جلسو ھئو، جلسي تان واپسي تي  پوليس پاران سندس قافلي کي ستر ڪلفٽن ڀرسان روڪيو ويو، اوچتو ھر پاسي کان فائرنگ ٿي، ماڻھو پکين وانگر ڪرڻ لڳا، اڌ ڪلاڪ تائين زخمي تڙپندا رھيا ،ڪير زخمين کي کڻڻ نه پھتو، مير مرتضي ڀٽو کي ڪلفٽن جي خانگي اسپتال پھچايو ويو، ھي مڊ ايسٽ اسپتال غلام مصطفي جتوئي جي ڀاءُ جي ھئي ،اتان کان بعد جناح اسپتال پھچايو ويو پر رات ٻارھن کان اڳ سندس ساھ جو پکي اڏامي ويو ھئو ، تڏھن مان اخبار ۾ ڪندو هيس، ھي سڄو واقعو اخبار لاءِ رپورٽ ڪيو ھئو، ان ئي رات لاس اينجلس آمريڪا مان ايندڙ سبڪ مجيد جي فون ڪال به اٽينڊ ڪئي ھئي ،جيڪو مون کي آمريڪا مان ٻڌائي رھيو ھئو ته مرتضي جي قتل ۾ ڪير ڪير ملوث آھي. سبڪ مجيد جيڪو مرتضي ڀٽو جو سيڪريٽري ھئو ۽ مرتضي جي شھادت کان بعد اھو نظر نه آيو، مير مرتضي جي شھادت بعد اھا ڳالهھ ثابت ٿي ته ھن رياست کي ھڪ گوريلو اڳواڻ مير مرتضي ڀٽو ته پسند ھئو پر پارلياماني سياست جو رستو اختيار ڪندڙ وزير اعظم بينظير ڀٽو جو ڀاءُ پسند نه ھئو، چون ٿا ته مرتضي ڀٽو کي پاڪستان آڻڻ ۾ ڪامران خان جي ان انٽرويو جو وڏو ھٿ ھئو جيڪو ھن دمشق ۾ دي نيوز اخبار لاءِ ڪيو ھئو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.