مولانا فضل الرحمان  جون ڊاکون اڃان کَٽيون آھن

تحرير: حامد مير

الله جنهن کي چاهي ٿو عزت بخشي  ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو رسوا ڪري ٿو. اسان جي روبرو ان جو زندهه  مثال مولانا فضل الرحمان جي ذات آهي. فيبروري 2024ع جي چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن) مولانا صاحب کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ھو. چونڊن کان اڳ ئي اهو چيو پي ويو  ته هن ڀيري جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جي سياسي منظرنامي تان غائب ڪيو ويندو ۽ مولانا فضل الرحمان سياسي کلاڙي کان ھڪ  فقير بڻجي ويندو. عمران خان جي دور ۾ مسلم ليگ (ن) تي ڏکيو وقت آيو ھو تھ ان جماعت، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس (PDM) جي نالي سان  ھڪ اتحاد قائم ڪري مولانا فضل الرحمان کي ان جو اڳواڻ بڻايو.

جڏھن مولانا  پي ڊي ايم جا جلسا جلوس شروع ڪيا ته جنرل قمر جاويد باجوا مسلم ليگ (ن) سان ڪجهه بيڪ ڊور چينل کوليا ۽ اهڙي طرح عمران خان جي حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ جوڙ توڙ  جو سلسلو شروع ٿيو. حڪومت جي تبديلي کانپوءِ شهباز شريف وزيراعظم ٿي ويو، کيس جڏهن به سياسي طاقت جي مظاهري جي ضرورت پئي ته هن مولانا کان مدد گهري، ڇاڪاڻ ته جي يو آءِ به سندس حڪومت ۾ شامل هئي. نواز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ ڄاڻي واڻي  مولانا فضل الرحمان کان  فاصلو  پيدا ڪيو ويو ته جيئن مسلم ليگ (ن) کي بنياد پرستن جو اتحادي نه سمجهيو وڃي.

ڪافي عرصي  تائين  مولانا فضل الرحمان ان غلط فهمي ۾ مبتلا رھيو ته پي ڊي ايم  جي اڳواڻ جي حيثيت سان مسلم ليگ (ن) چونڊن ۾ ساڻس اتحاد قائم ڪندي.سندس غلط فهمي تڏهن دور ٿي  جڏهن مسلم ليگ (ن) کيس چيو ته جيڪڏهن اوهان جا اميدوار شينهن جي نشان تي چونڊن ۾ حصو وٺن ته پوءِ اوهان کي ڪجهه سيٽون ڏيون ٿا. مولانا کي يقين ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) اڪيلي سر پرواز ڪرڻ  جو فيصلو ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري هن بحث ڪرڻ بدران معاملو الله تي ڇڏي ڏنو. احتياطي طور تي هن ڊيرا اسماعيل خان ۽ پشين مان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ڊيرا اسماعيل خان ۾ مولانا جو مقابلو علي امين گنڊاپور سان  ٿيو. گنڊاپور کٽي ويو.

مولانا پشين جي سيٽ تان کٽيو. جڏهن هن چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا ته مسلم ليگ (ن) چيو ته توهان جي مقابلي ۾ تھ تحريڪ انصاف وارن کٽيو آهي، توهان انهن خلاف احتجاج ڪيو. تحريڪ انصاف  وارا مولانا سان پنهنجا پراڻا الزام وساري ھن سان سياسي اتحاد قائم ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون . مولانا ان معاملي ۾ احتياط جو مظاهرو ڪيو. جنرل ضياءُ الحق جي آمريت واري دور دوران  ھو جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو اتحادي بڻيو، پر 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ، جي يو آءِ کي نظرانداز ڪري ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف جنرل اسلم بيگ سان ڊيل ڪئي اقتدار حاصل ڪري ورتو.بعد ۾ 2024ع ۾ پڻ اھو ئي سڀ ڪجھھ  مسلم ليگ (ن)  مولانا سان ڪيو. خير! تحريڪ انصاف جي ماڻهن مولانا جي گهر جا چڪر لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا تڏھن بھ  مولانا محتاط رھيو. هن نئون اتحاد ٺاهڻ بدران اشو ٽو اشو اپوزيشن پارٽين سان تعاون جي پاليسي جو اعلان ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي فل بينچ قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي مستقبل جي چيف جسٽس منصور علي شاهه جي رستي روڪڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي. ان منصوبي تحت آئين ۾ 26هين ترميم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ترميم جو مقصد ھڪ نئين آئيني عدالت جو قيام ۽ ان عدالت جي ذريعي سپريم ڪورٽ کي غيرموثر ڪرڻ ھو.آئيني ترميم جي لاءِ حڪومت کي مولانا فضل الرحمان جي ووٽن جي ضرورت پئي، انھن ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور مولانا وٽ ھلي ويا ۽ ووٽ گهريا. مولانا صاحب چٽن ۽ صاف لفظن ۾ وزيراعظم کي چيو ته توهان هڪ تجربيڪار سياستدان آهيو، جيڪڏهن توهان منهنجي جاءِ تي هجو ها ته رات وچ ۾ ايترو  وڏو يوٽرن وٺو ها؟

شهباز شريف خالي هٿين واپس آيو. ان کانپوءِ گهرو وزير محسن نقوي به مولانا جو دروازو کڙڪائيندو رهيو. مولانا پنهنجي جماعت سان صلاح ڪئي ته سندس ساٿين به کيس حڪومت کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو. ان دوران ڪجهه حڪومتي شخصيتون اھا دعويٰ ڪنديون رهيون ته مولانا فضل الرحمان  اسان جي محبت جي دام ۾  گرفتار ٿي چڪو آهي. جڏهن مان هڪ اهم حڪومتي شخصيت کان ان جي دعويٰ جو سبب پڇيو ته هن اک ڀڃيندي چيو ته مولانا کي اهڙي هنڌ کان حڪم جاري ڪرا يو ويو آھي جتي مولانا انڪار نه ٿو ڪري سگهي. ان غلط فهمي ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس گهرايو ويو. جڏهن ان آئيني ترميم جو مسودو مولانا کي فراهم ڪيو ويو ته هن  سڀ کان وڌيڪ اعتراض آئين جي آرٽيڪل 8 ۾ ڪيل تبديلين تي  اٿاريا. سيڪشن 8 جو تعلق بنيادي انساني حقن سان آهي، جڏهن مولانا  ھڪ اجلاس ۾ قانون واري وزير نذير تارڙ جي سامھون پنھنجي خدشن جو اظهار ڪيو ته هن وڏي شان سان ميز تي مڪ ھڻي  چيو ته اسان ان ترميم کي هر قيمت تي پاس ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪا آھيون.ھي اھو موقعو ھو جڏھن  مولانا کي وزير صاحب جي شاھاڻي حاڪماڻي رويي ۾ غرور  جي جھلڪ نظر آئي ۽ هن ذڪر ڪيل آئيني ترميم جي تجويز ڪيل مسودي کي رد ڪري ڇڏيو. مولانا جي انڪار تي حڪومت حيران ٿي وئي. خبر ناھي اھي  ڇو سمجھي رهيا هئا ته مولانا پنهنجو ريٽ  وڌائي رهيو آهي.مولانا جي انڪار حڪومت کي سخت صدمو رسايو، پر مولانا کي هر طرف کان عزت ملي رهي هئي.

هاڻي اھي سڀئي حضرات پنهنجي لفظن  تي غور ڪن  جيڪي وڏي واڪي ميڊيا کي ٻڌائي رهيا هئا ته حڪومت جي نمبرز گيم پوري  آهي. مولانا صاحب بار بار وزيراعظم ۽ سندس وزيرن کي چيو  ته مان ڪنهن به اھڙي آئيني ترميم جو حصو نه بڻجندس جنهن جو مقصد آئين جي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ هجي. پوءِ اهي حضرات گھربل  انگ پوري ھجڻ جي دعوي! ڪئين ۽ ڇو  ڪندا رھيا ؟ ها! سندن  اعتماد  جو سبب اها جاءِ هئي، جتان کان ايندڙ  حڪم تي اھي حضرات فوري طور جھڪي پون ٿا. مولانا ان جاءِ تي نه ڪو انڪار ڪيو ۽ نه وري گستاخي ڪئي. هن پنهنجو مدعو  ادب  سان بيان ڪيو. ڇو ته مولانا ڪيتريون ئي پرڏيهي ٻوليون ڳالهائي سگهي  ٿو.

حڪومت پنهنجي ناڪامي ۽ خواري کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري جي ذريعي هڪ نئين ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. مولانا جي سياست جي باغ ۾ ڊاک جو ميوو  تيار آهي. مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف سميت هر ڪو ان باغ جون ڊاکون لاھڻ جي چڪر ۾ آهن. مولانا تحفي طور  پنهنجي باغ مان ڪجهه ڊاکون  معتبر دوستن کي تحفي طور پاڻ بھ موڪلي ڏيندو. پر جيڪڏهن ڪو چڪربازي يا چالبازيءَ سان ڊاکون چورائڻ جي ڪوشش ڪندو  ته ياد رکو ته في الحال اھي ڊاکون کَٽيون اڃان ٿورو انتظار ڪريو. هاڻي تون گھرندڙ ۽ مولانا ڏيڻ وارو آهي.ڊاکون ملنديون تھ مولانا جي مرضي سان ملنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.