بشريٰ بي بي جو ڳجهن ڪيسن ۾ گرفتاري روڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ڳجهن ڪيسن ۾ گرفتاري روڪرائڻ ۽ ڪيسن جي تفصيلن لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
بشريٰ بي بي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، آءِ جي پنجاب سميت پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آهي.
بشريٰ بي بي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي خاتون اول آهيان، مسلسل انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ کانپوءِ ٻئي ڪيس ۾ غير قانوني گرفتاري ٿي رهي آهي، خدشو آهي ته پوليس ڪنهن ڳجهي ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي.
هن اپيل ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سمورن داخل ڳجهن ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ ڳجهن ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ جو به حڪم جاري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.