پاڪستان کي فتني نه امن جي ضرورت آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان کي فتني نه امن جي ضرورت آهي.
امن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته امن وڏي نعمت آهي، بدامني زوال آڻيندي آهي، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ پائيدار امن اڻٽر آهي، امن خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿي.
هن چيو ته امن لاءِ معاشري جي هر فرد کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، تشدد ۽ ڏڦيڙ جو رستو اختيار ڪندڙ ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، اختلاف راءِ جي آڙ ۾ امن جي ڪوششن ۾ رنڊڪون وجهڻ مذمت جوڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.