ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا مايا علي پنهنجي شادي جي رٿابندي بابت مداحن کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي اداڪارا مداحن سان سوالن جوابن جو سيڪشن رکيو، ان دوران اداڪارا مداحن جي دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا.
هڪ مداح اداڪارا کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان پاڪستان جي پهرين نيٽ فلڪس سيريز ” جو بچي هين سنگ سميٽ لو“ جي مرڪزي ڪاسٽ جو حصو آهي؟
ان سوال جي جواب ۾ اداڪارا تصديق ڪندي چيو ته هوءَ ان سيريز جو حصو آهي، جنهن جي ڪهاڻي ناول نگار فرحت اشتياق جي ناول ” جو بچي هين سنگ سميٽ لو “ تي آڌاريل آهي.
هڪ ٻئي صارف مايا علي کان سندس شاديءَ بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ادڪارا لکيو ته جڏهن صحيح وقت ايندو، انشاءَ الله ٿي ويندي.
You might also like