ايمنسٽي انٽرنيشنل جي مودي سرڪار تي ڇتي تنقيد

انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل مودي سرڪار تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل سول سوسائٽي جي سرگرمين جي تحفظ لاءِ قدمن تي مڪمل عملدرآمد نه ڪرڻ تي مودي حڪومت تي تنقيد ڪئي.
عالمي تنظيم ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته نريندر مودي حڪومت اين جي اوز کي هراسان ڪرڻ لاءِ مني لانڊرنگ روڪ قانونن جو استعمال بند ڪري.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافتي ادارا وڏي وقت کان مودي جي هندو قوم پرست حڪومت طرفان هراسان ڪرڻ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.