بلاول 36 سالن جو ٿي ويو، بختاور ۽ آصفه طرفان مبارڪباد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 36هين سالگرهه جي موقعي تي ڀينرن آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو طرفان مبارڪباد ڏني وئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري زندگي جون 36 بهارون ڏسي ورتيون، وڏي ڀاءُ کي آصفه ۽ بختاور ڀٽو طرفان جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون ويون آهن.
بختاور ڀٽو انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ خوبصورت وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته 36هين سالگرهه مبارڪ بلاول.
ايم اين اي ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو به ڀاءُ جي سالگرهه جي اعزاز ۾ هڪ پوسٽ کي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.