ايپل آءِ فون 16 جي سيريز متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ نئين آءِ او ايس 18 آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز جي اِها سيريز آءِ فون 16، 16 پلس، 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس تي ٻڌل آهي.
ٻئي پاسي آءِ فون 16 جي سيريز جو وڪرو گذريل ڏينهن کان شروع ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ ڪيئي خريدار منتظر هئا پر جيڪڏهن اسان کي اِهو چئون ته اوهان في الحال آءِ فون 16 خريدڻ بدران ٿورو انتظار ڪرڻ گهرجي ته ڪيئن محسوس ڪندا؟
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آءِ فون 16 سيريز متعارف ٿيڻ سان گڏ ئي آءِ فون 17 سيريز بابت به ڪيئي افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، 2025 وارو آءِ فون ماڊل 17 آءِ فون 16 سيريز جي ڀيٽ ۾ خريدارن لاءِ هڪ بهتر سودو ثابت ٿيندو.
ٽيڪنالوجي ماهرن خريدارن کي آءِ فون 16 نه خريدڻ لاءِ پنج ڪارڻ ڄاڻايا آهن جنهن کي نظر ۾ رکندي اوهان کي آءِ فون جي ايندڙ ماڊل جو انتظار ڪرڻ گهرجي.
ماهرن طرفان ڄاڻايل پنج اهم سبب ڪهڙا آهن؟
آءِ فون 17 وارن ماڊلز لاءِ اَپ گريڊ ڊسپلي
افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ايندڙ سال آءِ فون 17 واري ماڊل ۾ ترتيبوار 6.12 انچ ۽ 6.69 کان وڏو 6.27 ۽ 6.86 انچ تائين جو ڊسپلي سائز متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
24 ميگا پڪسل سيلفي ڪئمرا
هن وقت آءِ فون 16 سيريز ۾ 12 ميگا پڪسل سيلفي ڪئمرا استعمال ڪيو ويو پر امڪاني طور تي آءِ فون 17 ۾ ان کي اَپ گريٽ ڪري وڌيڪ ميگا پڪسل جي ايڊوانس ٽيڪنالوجي ڪئمرا ڏيڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ايپل جي نئين سيريز 24 ميگا پڪسل سيلفي ڪئمرا سان گڏ پيش ڪئي ويندي.
آءِ فون 17 لاءِ 12 جي بي ريم
اپيل جي تجزئي نگارن منگ چي ڪو ۽ جيف پو موجب، 2025 واري آءِ فون 17 پرو ميڪس ۽ آءِ فون 17 پرو ۾ 8 جي بي ريم بدران اَپ گريڊ ٿيل 12 جي بي ريم جي خاصيت شامل هئڻ جو امڪان آهي.
آءِ فون 17 پلس بدران آءِ فون 17 ائير
اطلاعن موجب، ايپل طرفان آءِ فون 17 سيريز لاءِ ” پلس “ ماڊلز کي بند جو امڪان آهي جڏهن ته ان جي جاءِ تي آءِ فون 17 ائير متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
انڊر ڊسپلي فيس آءِ ڊي ۽ اينٽي ريفليڪٽيو ڊسپلي
اميد ڪئي پئي وڃي ته لاڪ پروٽيڪشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايپل طرفان پنهنجي ايندڙ ماڊل ۾ سيلفي ڪئمرا ۾ انڊر ڊسپلي فيس آءِ ڊي ٽيڪنالوجي شامل ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي اهي خبرون پڻ سامهون آيو آهن ته آءِ فون 17 هڪ نئين اينٽي ريفليٽڪيو ڊسپلي اسڪريچ ريزسٽنٽ ڊسپلي سان گڏ پيش ڪيو ويندو جيڪو ايل جي سيريز سيرامڪ شيلڊ کان وڌيڪ طاقتور ٿي سگهي ٿو.
Prev Post
You might also like