اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ترجمان ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ترجمان چيو ته ايف بي آر ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ لاءِ 30 سپٽيمبر تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.
ترجمان موجب، حڪومت نئين پاليسي متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪا نان فائلرز کي ملڪيت خريدڻ کان روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
You might also like