”سرڪاري ملازم جي بيواهه کي ملندڙ نوڪري ٻي شاديءَ جي بنياد تي ختم نٿي ٿي سگهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ٻي شادي کانپوءِ بيواهه کي سرڪاري نوڪري مان برطرف ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ عورت زويا اسلام جي اپيل تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جيڪو جسٽس چوڌري اقبال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ لکيو آهي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته سرڪاري ملازم مڙس جي وفاقت کانپوءِ نائب قاصد جي نوڪري 2020 ۾ ملي، مڙس اسلام جي بيواهه هئڻ سبب سرڪاري نوڪري ملي ۽ 2021 ۾ ٻي شادي ڪئي جنهن جي بنياد تي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
عدالتي فيصلي موجب، ملازم مڙس جي بيواهه کي ملندڙ نوڪري ٻي شاديءَ تي ختم نٿي ٿي سگهي، مڙس جي وفات کانپوءِ بيواهه کي ٻي شادي تي سرڪاري نوڪري تان برطرف نه ڪيو ويندو ڇو ته بيواهه شادي ڪري سگهي ٿي، اسلام ۾ اِهو عورت جو بنيادي حق آهي.
عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بيواهه کي ٻي شادي جي بنياد تي نوڪري مان ڪڍڻ شرعي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن قانون جي بنياد تي بيواهه کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ان تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي،
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي چيو ويو آهي ته عدالت بيواهه زويا اسلام جي اپيل منظور ڪندي، سنگل بئنچ جو فيصلو ۽ بيواهه کي نوڪري مان ڪڍڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.