نوشهرو فيروز( ويب ڊيسڪ ) محرابپور ريلوي اسٽيشن ڀرسان ٽرين مان ڪِرڻ سبب ٻارڙي سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريلوي پوليس موجب، حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽنهي ڄڻن جو واسطو هڪ ئي ڪٽنب سان هو جيڪي پير وسڻ جا رهواسي هئا.
پوليس موجب، ٽئي ڄڻا ٽرين ۾ چڙهه جي ڪوشش ڪندي ڪِري فوت ٿي ويا، جڏهن ته ضروري ڪارروائي لاءِ لاش ويجهي اسپتال پهچايا ويا.