سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين نوڪرين تي لڳل پابندي وارو فيصلو ڪالعدم، عدالت گهرجون پوريون ڪري 50 هزار نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.داخل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اليڪشن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نوڪرين تي پابندي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي اليڪشن گذرڻ باوجود سڄي سنڌ جي لاءِ نوڪرين تي پابندي لڳائي وئي هئي درخواستگذار ڌر جو چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت 50 هزار اميدوارن جا زباني امتحان به ورتا هئا پر آرڊر جاري نه ٿي سگهيا، عدالت جو هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪريون ڏيڻ وارو فيصلو بي روزگارن سان انصاف آھي.