لاهور (احمد منصور) اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن وارو فيصلو ڪرڻ واري آهي ۽ ذريعن موجب سيٽون انهن کي ئي ملنديون جن جو آئين ۽ قانون موجب حق ٺهي ٿو، پي ٽي آءِ کي اهي سيٽون نه ملنديون، پي ٽي آءِ جو ڪيس ڪمزور آهي. ان سان آئيني ترميمن لاءِ حڪومت جي نمبر گيم پوري ٿي ويندي ۽ پوءِ مولانا فضل الرحمان جي ضرورت نه رهندي. ان جو اشارو بلاول ڀٽو زرداري هڪ انٽرويو ۾ ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي مولانا فضل الرحمان جي ووٽن جي ضرورت نه رهي ته پوءِ هو جيڪي تجويزون ڏئي رهيو آهي انهن جي به ڪا ساک نه رهندي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري وٽ آئيني ترميمن جي حوالي سان مک ڪردار آهي. اطلاعن موجب آڪٽوبر جي پهرئين هفتي تائين اهو ڪم پورو ٿي سگهي ٿو. خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي ايم هڪ ٿي رهيون آهن ڇو ته کين لڳي ٿو ته پي ٽي ايم کين فائدو ڏيندي. پشتون قومپرستي کي هوا ڏيڻ ۽ فوج خلاف مهم هلائڻ، چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ، افغانين کي نيڪالي روڪڻ سميت ٻين مطالبن تي هو هڪ ٿي رهيا آهن. سندن اهو مقصد آهي ته عمران خان کي آزاد ڪرايو وڃي. منظور پشتين 11 آڪٽوبر تي جلسو ڪري رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ ان مان اميدون لڳايون آهن. مخصوص سيٽن جي حوالي سان قومي اسميبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پارا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکي گذارش ڪئي آهي ته، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلو ڪري انهيءَ مامري کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي. اياز صادق پنهنجي خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪئي آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان 2017 واري ترميمي ايڪٽ مطابق فصيلو ڪيو وڃي ڇو جو اهو ايڪٽ آئيني طور تي رائج آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند آهي.2017 جي منظور ٿيل ترميم ايڪٽ مطابق چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي اهو واضع طور تي اعلان ڪرڻو پوندو آهي ته سندس جو تعلق ڪهڙي پارٽيءَ سان آهي جيڪڏهن هو اهڙُ اعلان فوري طور تي نه ٿو ڪري ته کيس اهڙو اعلان هڪ مخصوص عرصي بعد ڪرڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ اهڙو اميدوار آزاد تصور ڪيو ويندو. اياز صادق جي اهڙي خط بعد اليڪشن ڪميشن ٻڌتر جو شڪار ٿي وئي آهي ته هاڻي کيس ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇو جو جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن اسپيڪر جي خط تي عمل نه ٿي ڪري ته هڪ حساب سان پارليامينٽ جي توهين ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿو ٿئي ته کيس عدليه جي توهين جو خوف رهي ٿو. اياز صادق جي خط جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جو فيصلو ڪري ٿي ته اهي سيٽون سڌو سنئون حڪمران ڌر طرف هليون وڃن ٿيون، ڇو جو پي ٽي آءِ جي اڪثر ميمبرن نه ته پارٽيءَ سان پنهنجو تعلق ڏيکاريو آهي ۽ نه ئي وري پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن پي ٽي آءِ سان ڪو پنهنجو تعلق ثابت ڪري سگهيو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 21 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو