نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو ورسي جلسي ۾ ڪارڪنن لاءِ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته هر سال جيان هن سال به سيپٽمبر جو مهينو اسان جي لاءِ اداسي ۽ انتظار جو پيغام کڻي آيو آهي. اداسي پنهنجي عظيم انقلابي ليڊر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سان وڇوڙي جو ۽ انتظار سندس خون سان انصاف جو. اڄ هن سانحي کي 28 ورهيه وهامي ويا آهن پر اسان کي انصاف اڃان تائين ناهي مليو. غنويٰ ڀٽو جي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ ڄاڻايل هو ته ملڪ جا حڪمران گنهگار هجن ته اتان جي عوام کي انصاف ڪيئن ملي سگهندو. ڇا اها حقيقت ناهي ته ڇا آصف علي زرداري 20 سيپٽمبر ڪيس جو مشهور ملزم ناهي ۽ ڇا ماڊل ٽائون ۾ ٿيندڙ قتل عام جا ڇنڊا هن وقت جي وزير اعظم شهباز شريف جي دامن تي ناهن. جتي مجرمن کي بادشاهه بڻايو ويندو ته اتي ناانصافي جو راڄ هوندو. اسان فقط انتظار نه ڪري رهيا آهيون پر پرامن جمهوري ۽ انقلابي جدوجهد ۾ به مصروف آهيون. وقت ضرور بدلجندو، مونکي اوهان سان جدائيءَ جو احساس آهي جيڪو عارضي آهي ۽ اها جدائي جلد ختم ٿي ويندي.