بنگلاديش خلاف ڪوهلي جي وڏي غلطي، ڪپتان ۽ امپائر به حيران

چنائي(ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر بيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي بنگلاديش خلاف چنائي ٽيسٽ ۾ وڏي غلطي سبب پنهنجي قيمتي وڪيٽ وڃائي ويٺو.
بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ چنائي ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جاري آهي، راند جي ٻئي ڏينهن بنگلاديشي ٽيم ڀارت جي پهرين اننگز ۾ 376 رنسن جي جواب ۾ 149 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڀارت بنگلاديش خلاف پنهنجي ٻي اننگز جي شروع ڪئي ته ڪپتان روهت شرما ۽ يشسوي جئسوال تڪڙا آئوٽ ٿي ويا.
ٻه وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ سينيئر بيٽر ويرات ڪوهلي ڪريز تي موجود هو، جڏهن هو 17 رنسن تي پهتو ته بنگلاديشي بالر مهدي حسن جو بال سندس پيڊ تي لڳو ۽ بالر ايل بي ڊبليو جي اپيل ڪئي جنهن تي امپائر کيس آئوٽ قرار ڏنو.
پر ڪوهلي امپائر جي فيصلي تي مطمئن نظر نه آيو ۽ ساٿي بيٽر شُڀمَن گِل وٽ ويو ۽ کائنس پڇيو ته ڇا کيس ري ويو وٺڻ گهرجي يا نه؟
ڪجهه سيڪنڊز جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪوهلي ري ويو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ امپائر جي فيصلي کي قبول ڪندي ڪريز ڇڏي ميدان کان ٻاهر هليو ويو .
پر دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن وڪيٽ کانپوءِ ري پلي ۾ ڏٺو ويو ته بال ان سائيڊ ايج کانپوءِ وڃي پيڊ تي لڳو.
ِهو منظر ڏسي ڊريسنگ روم ۾ ويٺل ڪپتان روهت شرما ۽ فيلڊ امپائر به حيران ٿيا ته ايڏي وڏي ايج لڳڻ باوجود ڪوهلي ري ويو ڇو نه ورتو؟
سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدار به ٻڏتر جو شڪار نظر آيا ته ڪوهلي ايڏي وڏي غلطي ڪيئن ڪري سگهي ٿو، ڇو ته عام طور تي بيٽر کي ايج جو پتو پئجي ويندو آهي.
واضح رهي ته چنائي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ڀارت ٻي اننگز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 81 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان کي 308 رنسن جي برتري حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.