واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ري پبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن مان ٻيهر صدر نه بڻجي سگهيس ته اسرائيل ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو، منهنجي ناڪامي جي ذميواري آمريڪا ۾ آباد يهودين تي به لاڳو ٿيندي.
واشنگٽن ۾ اسرائيلي آمريڪن ڪائونسل جي قومي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته آمريڪا جي يهودين ۾ منهنجي مقبوليت ۽ حمايت جو گراف بلند نه پيو ٿئي.
هڪ تازي سروي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته آمريڪي يهودين مان 65 سيڪڙو ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس جا حامي آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، حقيقت اها آهي ته ڊيموڪريٽڪ لبرل آهن ۽ ساڄي ڌر جا انتهاپسند ۽ انقلابي عنصر مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو آمريڪي يهودين کي سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن اسرائيل کي سلامت رهڻو آهي ته منهنجو ٻيهر صدر بڻجڻ لازمي آهي، ڊيموڪريٽڪس اسرائيل جي خلاف آهن ۽ ڪملا هيرس ان حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار کليل نموني ڪري چڪي آهي.
You might also like