پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس لائنز آپگهاتي حملي ۾ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل به ملوث نڪتو.
پوليس موجب حملي ۾ مک جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ ملوث پوليس اهلڪار کي به پشاور بي آر ٽي مان گرفتار ڪيو ويو.
اختيارين ٻڌايو ته جوابدار پوليس لائنز مان پنهنجي بدلي بي آر ٽي پوليس ۾ ڪرائي ڇڏي هئي.
پوليس موجب هيڊ ڪانسٽيبل ولي جو ڀاءُ به سهولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار آهي ۽ پوليس اهلڪار جي گرفتاري مک جوابدار عمر جي نشاندهي تي ڪئي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي جي ماسٽر مائينڊ عمر کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار پوليس اهلڪار ۽ سندس ڀاءُ کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن ذريعي ڌماڪي ۾ ملوث مڪمل نيٽ ورڪ تائين پهچ ممڪن ٿي سگهندي.
واضح رهي ته پوليس لائنز مسجد پشاور ۾ 30 جنوري 2023 ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ مسجد جي امام ۽ پوليس اهلڪارن سميت 72 ڄڻا شهيد ۽ 157 زخمي ٿيا هئا.
Next Post
You might also like