ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جنهن شادي ته ناهي ڪئي پر سندس افيئرز جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي جنهن تحت هو بالي ووڊ جي ڪيئي حسينائن کي ڊيٽ ڪري چڪو آهي پر انهن مان ڪنهن هڪ سان سندس شادي نه ٿي سگهي.
سلمان خان جي زندگيءَ ۾ اهڙو وقت به آيو جڏهن سندس شادي جا ڪارڊز پڻ ڇپجي چڪا هئا پر پوءِ سندس شادي نه ٿي سگهي، ويجهڙائي ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪي اداڪارا ۽ سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ صومي علي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سلمان خان پنهنجي اڳوڻي گرل فرينڊ سنگيتا بجلاڻيءَ سان شادي ڪرڻ وارو هو، جيڪا انڪري ختم ٿي ڇو ته سنگيتا پاڻ سلمان ۽ صومي سان گڏ ڏسي ورتو هو.
اِها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن سلمان خان ۽ سنگيتا بجلاڻي هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا هئا، ٻنهي جي شادي جا ڪارڊز پڻ ڇپجي چڪا هئا پر پوءِ شادي ٽٽي وئي، ان ڏينهن پيش آيل واقعي بابت صومي علي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
صومي علي چيو ته هوءَ ان وقت ونڊياچل ۾ ترسيل هئي، سلمان پائيپ تان چڙهي دري مان سندس ڪمري ۾ ايندو هو، کيس سلمان خان جو اِهو عمل ڏاڍو رومانوي لڳندو هو.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هڪ ڏينهن سلمان خان ساڻس ملڻ ڪمري ۾ آيو، هو ٻئي ڪمري ۾ هڪٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته اوچتو سنگيتا در کوليو ۽ سلمان کي ڏسندي ئي چيو ته گهڻو ٿيو اسان ٻنهي مان توکي ڪنهن کي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
سلمان خان مون کان ڏهه منٽن جو وقت گهريو، مون سمجهيو ته هو رشتو ختم ڪري ڇڏيندو ۽ سنگيتا سان شادي ڪندو ڇو ته سندن شادي جا ڪارڊز به ڇپجي چڪا هئا، پر ان جي ابتڙ سلمان ڏهن منٽن کانپوءِ واپس آيو ۽ ٻڌايو ته هن سنگيتا سان سمورا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن.
اداڪارا انٽرويوءَ دوران اِهو به چيو ته جڏهن اسان گڏ پنهنجي پهرين فلم جي شوٽنگ ڪري رهيا هئاسين ته ان دوران مون سلمان خان کي چيو ته مان ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ڀارت آئي آهيان ۽ منهنجي اداڪاري ۾ ڪائي دلچسپي نه آهي.
جنهن تي سلمان خان مرڪندي وراڻيو ته سندس هڪ گرل فرينڊ آهي جنهن تي مون چيو ته ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان گڏ رهنداسين، هي اُهو خواب آهي جيڪو مون ڏٺو هو، پر مان بيوقوف هيس جو سلمان جي ڪري ڀارت آيس.
صومي علي وڌيڪ چيو ته جڏهن سلمان خان فلم ” هم دل دي چڪي صنم“ جي شوٽنگ ڪري رهيو، ان دوران هن منهنجي فون کڻڻ بند ڪري ڇڏي هئي، مون فلم جي هدايتڪار کي فون ڪري سلمان خان بابت پڇيو، هن مون کي ٻڌايو ته هو شوٽنگ ۾ رڌل آهي پر جيئن مون سوال ڪرڻ شروع ڪيا ته وٽس ڪو به جواب نه هو.
Next Post
You might also like