موسيقي جي دنيا جي بادشاهه نصرت فتح علي خان جو نئون البم رليز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسيقي جي دنيا جي شهنشاهه نصرت فتح علي خان جو آواز ٽن ڏهاڪن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گونجي اٿيو، پيٽر گيبريئل جي ريئل ورلڊ رڪارڊز سندس نئون البم ”چين آف لائٽ“ رليز ڪري ڇڏيو.
اهو البم 1990 ۾ ريئل ورلڊ اسٽوڊيوز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ 41 منٽن جو البم 4 ٽريڪس تي ٻڌل آهي.
ان البم ۾”يا الله يا رحمان، يا غوث يا مير، خبرم رسيد امثب ۽ آج سک متران دي“ شامل آهن.
البم جي رليز جي موقعي تي پيٽر گيبريئل نصرت فتح علي خان جي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته ان جي آواز سان جيڪي جذبا پيدا ٿيندا هئا، اهي لاجواب هوندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.