لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ-انگلينڊ ٽيسٽ سيريز جي نظرثاني شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ۽ ٻي ٽيسٽ اڳواٽ طئي ٿيل پروگرام موجب ٿيندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ڪراچي بدران ملتان ۾ 15 کان 19 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي.
شيڊيول موجب، پهرين ٽيسٽ 7 کان 11 آڪٽوبر تائين ملتان ۽ ٽين ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
پي سي بي موجب، ٻي ٽيسٽ ميچ نيشنل اسٽيڊيم ۾ جاري اڏاوتي ڪم سبب ڪراچي کان ملتان منتقل ڪئي وئي آهي.
ٽيسٽ سيريز جي شيڊيول جي اعلان جي موقعي تي پي سي بي جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا چيو ته پي سي بي انگلينڊ جي مينز ڪرڪيٽ ٽيم طرفان پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي پرجوش آهي، اسان شوقين جي مدد ۽ دوري کي يادگار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.
You might also like