ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند پاڪستاني شاگردن لاءِ سٺي خبر اچي وئي، آمريڪا شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي هڪ ٻئي پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
آمريڪي حڪومت طرفان سنڌ جي شاگردن لاءِ ٻن سالن جي انگلش ايڪسس اسڪالرشپ پروگرام جي حوالي سان تقريب ٿي، تقريب ۾ آمريڪي قونصل جنرل سميت سنڌ جي مختلف اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي.
آمريڪي قونصل جنرل چيو ته پروگرام سان نه رڳو انگريزي سکڻ ۾ مدد ملندي پر آمريڪي ثقافت کي سمجهڻ جو موقعو ملندو ۽ اسڪالرشپ سان سنڌ جا 8 سئو کان وڌيڪ شاگرد فائدو حاصل ڪندا.
اسڪاٽ اربوم چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، پروگرام شاگردن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، تعليمي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ واڌ سان شاگردن کي نوان موقعا ملندا ۽ انهن لاءِ دنيا جا در کلندا.
هن ٻڌايو ته آمريڪي حڪومت 2004 ۾ انگلش ايڪسس اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو ۽ هيل تائين 8 هزار شاگرد فائدو حاصل ڪري چڪا آهن.
Next Post
You might also like