پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي پاسپورٽ ٺهرائيندرن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
ڊي جي پاسپورٽ طرفان چيو ويو آهي ته اسلام آباد، ڪراچي، لاهور سميت وڏن شهرن ۾ پاسپورٽ جو بيگ لاڪ ختم ٿي ويو ۽ ٻاهرئين ملڪن مان آن لائن اپلاءِ ڪندڙ پاسپورٽس جو بيگ لاڪ به اڪلايو ويو آهي.
هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي 24 هزار کان وڌيڪ پاسپورٽ ڊليور ڪيا ويا آهن، وڏن شهرن ۾ اڳ ۾ انهن کي پاسپورٽ ڏنا ويا، جن جي ٻاهرئين ملڪ اچ وڃ گهڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته روز 65 هزار پاسپورٽ پراسيس ٿيندا آهن پر پرنٽنگ 23 هزار ٿي رهي هئي، هڪ مهيني ۾ نون پرنٽرن جي شپمينٽ پاڪستان اچڻ جي اميد آهي، جنهن سان پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو عمل مڪمل طور نارمل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.