نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) هيڪرن ڀارتي سپريم ڪورٽ جو يوٽيوب چئنل هيڪ ڪري ان تي ڪرپٽو ڪرنسي جو اشتهار لڳائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب هيڪرن سپريم ڪورٽ آف انڊيا جو آفيشل يوٽيوب چينل هيڪ ڪري ان تي هڪ آمريڪي ڪمپني طرفان ٺاهيل ڪرپٽو ڪرنسي جو اشتهار لڳائي ڇڏيو.
هيڪ ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي يوٽيوب چئنل تي سڌي ريت ڏيکاري ويندڙ عدالتي ڪارروائي اوچتو بيهجي وئي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ هڪ وڊيو هلڻ لڳي، جنهن ۾ آمريڪي ڪرپٽو ڪمپني جو نالو ۽ ڪرنسي جو اشتهار هو.
ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ چئنل هيڪ ٿيڻ بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ في الحال عدالت جي ويب سائيٽ تان چئنل جي لنڪ هٽائي وئي آهي.
You might also like