ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت سان واسطو رکندڙ نوجوان گلوڪارا رخسانا بانو 27 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گلوڪارا جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو جتي هن اربع جي رات دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، گلوڪارا جو بيڪٽيريا سبب ٺهندڙ بيماري اسڪرب ٽائفس جو علاج هلندڙ هو، رخسانا بانو کي 27 آگسٽ تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي گلوڪارا جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڌيءَ کي اولهه اڙيسه جي هڪ مخالف گلوڪار طرفان زهر ڏيڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي، پر وارثن طرفان ڪنهن به شخص جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو.
گلوڪارا رخسانا جي ڀيڻ روبي بانو جو چوڻ اهي ته 15 ڏينهن اڳ شوٽنگ دوران جوس پيئڻ کانپوءِ ڀيڻ جي طبيعت بگڙجي وئي جنهن کانپوءِ کيس استپال منتقل ڪيو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مرحومه جي وارثن اِهو به چيو ته ڌيءَ کي پهريان به موتمار ڌمڪيون ملي چڪيون هيون.
You might also like