نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪرناٽڪا رياست جي هاءِ ڪورٽ جي جج هڪ ٻڌڻي دوران مسلم اڪثريتي علائقي کي پاڪستان چئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪرناٽڪا هاءِ ڪورٽ ۾ گهر جي مالڪ ۽ مسواڙ تي رهندڙ وچ ۾ تڪرار جي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي جاري هئي ته ان دوران جج وداويسا چارسري شنندا ريمارڪس ڏيندي بينگلورو شهر ۾ مسلم اڪثريتي علائقي کي پاڪستان چئي ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ جي جج جي ريمارڪس تي سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد شروع ٿي، جنهن کانپوءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جج جي ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان بابت هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
چيف جسٽس ڀارت جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ چيو ته سوشل ميڊيا سموري عدالتي ڪارروائي کي مانيٽر ڪرڻ ۽ ان کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته ريمارڪس ڏيندي عدالتي وقار کي نظر ۾ رکيو وڃي.
You might also like