ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل زبردست تيزي نظر اچي رهي آهي ۽ 100 انڊيڪس نئين تاريخي حد کي ڇُهي ويو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن سيشن جي پڄاڻي هاڪاري ٿي ۽ 100 انڊيڪس نئين رڪارڊ حد کي ڇهي ويو، ان جي بلند ترين سطح 82372 رڪارڊ ڪئي وئي.
پهرئين ڪاروباري سيشن ۾ 100 انڊيڪس 677 پوائنٽن جي واڌ سان 82136 تي بند ٿيو، جنهن ۾ 19.7 ڪروڙ شيئرز جا سودا 10.66 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.
You might also like