اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نااهلي ۽ بدنظمي تي اليڪشن ڪميشن جي ٽن آفيسرن کي 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله، ڊائريڪٽر ايڊمن اليڪشن ڪميشن سنڌ اظهر حسين ٽانوري کي نااهلي ۽ بدنظمي تي معطل ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب، اليڪشن آفيسر ڪراچي خدا بخش کي به معطل ڪيو ويو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ٽئي آفيسر انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ ايندڙ حڪمن تائين ڪراچي ۾ رهندا جڏهن ته جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال کي وقتي اليڪشن ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 17 سپٽيمبر جي رات ڪراچي جي علائقي پپري ۾ اسٽرانگ روم جا تالا ٽوڙيا ويا ۽ مختلف پولنگ اسٽيشنز جي بيگز کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، انڪوائري ڪميٽي ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ نذير عباس، ڊائريڪٽر وسيم احمد ۽ آر اي سي لاڙڪاڻو عبدالوحيد شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرائيندي.
You might also like