هلندڙ مهيني آءِ ايس آءِ جو سربراهه ڪير ٿيندو؟

اسلام آباد(عمر چيما+اسد طور)ٻن هفتن کان ملڪ اندر خبرون هلندڙ آهن ته ڳجهي اداري جو سربراهه هن مهيني عهدو ڇڏڻ وارو آهي، تازو واٽس ايپ گروپن تي خبرون هلندڙ آهن ته  هن جي ڌيءُ جي شادي 22 سيپٽمبر تي رٿيل آهي،هن جي خواهش هئي ته سندس ڌيءُ جي شادي هن جي عهدو ڇڏڻ کان اڳ ئي ٿي وڃي،هن کي گذريل سال وڌيڪ حڪمن تائين مدي ۾ واڌ ڏني وئي هئي، اهو مدو 23 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي، ذريعن موجب آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم گهر وڃي رهيو آهي، اسلام آباد جو سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر فهيم کي به بلوچستان ۾ پوسٽنگ ڏني ويندي، جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻائڻ ۾ جنرل نديم انجم جو وڏو ڪردار آهي، وڏو سوال آهي ته جنرل نديم انجم جي جاءِ تي آءِ ايس آءِ سربراهه جو عهدو ڪير سنڀاليندو؟ ذريعن موجب ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل شاهد امتياز کي ڳجهي اداري جو سربراهه بڻايو ويندو، هو جنرل(ر) باجوا جي به گهڻو ويجهو رهيو آهي، هو به آرمي چيف جنرل عاصم منير وانگر لانگ ڪورس بدران او ٽي ايس آفيسر آهي،جڏهن ته ڪور ڪمانڊر راولپنڊي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جو نالو غور هيٺ آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 19 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.