دبئي (ويب ڊيسڪ ) دنيا جي سڀ کان ننڍي قد واري نامور گلوڪار، سوشل ميڊيا اسٽار ۽ بِگ باس سيزن 16 جي اميدوار عبدو روزڪ جو مڱڻو ٽٽي ويو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، عبدو روزڪ جي دبئي جي مال ۾ هلندڙ سال فيبروري ۾ 19 ورهين جي اميرا سان ملاقات ٿي هئي جيڪا دوستي ۽ پوءِ محبت ۾ بدلجي وئي.
عبدو روزڪ 24 اپريل 2024ع تي اميرا سان مڱڻو ڪيو پر مڱڻي جو اعلان مئي ۾ ڪيائين ۽ سوشل ميڊيا تي مڱڻي جون تصويرون جاري ڪيون هيون.
پر هاڻي پنجن مهينن تائين قائم رهندڙ مڱڻي ٽٽي وئي آهي ۽ ثقافتي ويڇن کي رشتي ختم ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.
ان ڏس ۾ عبدو روزڪ جو چوڻ هو ته کيس اهڙي جيون ساٿي جي ڳولا آهي جيڪا ذهني طور مضبوط ۽ زندگي جي نئين سفر لاءِ تيار هجي.
واضح رهي ته تاجڪستان سان واسطو رکندڙ عبدو روزڪ جي عمر 21 سال آهي ۽ هو دبئي رهي ٿو، سندس قد رڳو سئو سينٽي ميٽر آهي.
You might also like