پاڪستان جي اسجد اقبال جو سنوڪر ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ شڪست بعد سفر تمام ٿي ويو آهي.
منگوليا ۾ جاري سنوڪر ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ قبرض جي مائيڪل جارگيو اسجد کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
اسجد اقبال هڪ موقعي تي فتح جي ويجهو پهچي ويو هو2-0 جي خساري مان نڪري اسجد 4-3 جي برتري حاصل ڪري چڪو هو پر اٺين فريم ۾ اسجد کي 65 پوائنٽس جي ليڊ کانپوءِ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
نائين ۽ فيصلائتي فريم ۾ جارگيو اسجد کي واپسي جو ڪو به موقعو نه ڏنو.
واضح رهي ته پاڪستان جي ٻئي رانديگر اويس منير کي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، کيس ايران جي علي گراگزولو 4-2 تان شڪست ڏني هئي.
Next Post
You might also like