اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار اسلام آباد مان ٿيل گم فيضان عثمان جي آزادي ۽ اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي درخواست تي گذريل ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي سڀني انٽيليجنس ۽ انويسٽيگيشن ايجنسين، آءِ بي، ايف آءِ اي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ جي ڊائريڪٽر جنرلز، ايئر ۽ نيول اينٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سي ٽي ڊي پنجاب کي ڪيس ۾ ڌر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏنا ته چيف ڪمشنر اسلام آباد کي به ڌر بڻايو وڃي ۽ هو پنهنجو حلفي بيان جمع ڪرائي ته ان جي اختيارن جي دائري مان مسلسل جبري گمشدگيون ڇو ٿي رهيون آهن؟
عدالت پڇيو ته انٽيليجنس ۽ انويسٽيگيشن ايجنسيون رپورٽ ڏين ته ڇا انهن کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن فيضان کي جبري طور گم ڪيو ويو؟ پنهنجي انٽيليجنس ڄاڻ تي ٻڌايو ته ڇا اغوا ڪندڙن ۽ استعمال ٿيندڙ گاڏين جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي؟ ٻڌايو ته فيضان کي اغوا دوران رکيل ٺڪاڻي جي سڃاڻپ ڪري سگهو ٿا؟
عدالت چيو ته انٽيليجنس ۽ انويسٽيگيشن ايجنسيون پاڻ يا لاڳاپيل وزارتن ذريعي رپورٽون جمع ڪرائين، آءِ جي اسلام آباد به پي ٽي اي، آءِ بي ۽ سي ٽي ڊي کان ڄاڻ وٺي ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي، انٽيليجنس ايجنسيون قومي سلامتي جون اڻٽر ذميواريون ادا ڪري رهيون آهن، ايجنسيون پنهنجي ڊيوٽي جي نوعيت موجب ڳجهو ۽ رازداري سان ڪم ڪنديون آهن.
جسٽس بابر چيو ته ايجنسين جو سرعام شهرين جي گهرن تي ڇاپن جو تاثر قومي سلامتي ۽ رول آف لا لاءِ خطرو آهي، انٽيليجنس ايجنسين جي اهلڪارن جو شهرين کي اغوا ڪرڻ جو تاثر به قومي سلامتي ۽ رول آف لا لاءِ خطرو آهي، انهن الزامن کي ايڊريس ڪرڻ جو واحد رستو شفاف جاچ ڪري ڏوهارين کي سزا ڏيڻ آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مغوي واپس اچي ويو ته درخواست غير اثرائتي ٿي وئي، اها درخواست رڳو آزادي نه پر آئين جي آرٽيڪل 199 تحت به داخل ڪئي وئي آهي، عدالت وٽ حڪومت سميت ڪنهن اٿارٽي يا شخص کي آئيني تحقن جي تحفظ لاءِ ڊائريڪشن ڏيڻ جو اختيار آهي.
لکت حڪم نامي موجب درخواستگذار به اغوا ڪندڙن جي سڃاڻپ، جاچ ۽ ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي، آءِ جي جبري گمشدگي جي جاچ ۽ اغوا ڪندڙن جي سڃاڻپ بدران عدالت کي پراڻا قدم ورجائي گهمائڻ جي ڪوشش ڪئي، آءِ جي چيو ته اسان سڀني ايجنسين کان زباني پڇيو پر سڀني ان سنگين ڏوهه کان انڪار ڪيو.
حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پوليس جاچ ۾ خاميون آهن، ڇو ته پوليس نااهل يا پاڻ شريڪ آهي، درخواستگذار موجب اغوا ڪندڙ آءِ ايس آءِ اهلڪار هجڻ جي دعويٰ ڪئي، ضروري آهي ته سڀني لاڳاپيل انٽيليجنس ۽ انويسٽيگيشن ايجنسين کي ڌر بڻائي رپورٽ طلب ڪئي وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تي ٿيندي.
ايجنسين جو شهرين کي اغوا ڪرڻ جو تاثر قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي: جسٽس بابر ستار
You might also like