هندو انتها پسندن ڀارت-بنگلاديش سيريز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ شيخ حسينا واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هلندڙ مهيني شيڊيول ڀارت-بنگلاديش ميچون ختم ڪرڻ جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گووا سان تعلق رکندڙ ساڄي ڌر جي هندو جانا جگروتي سميٿي نالي پارٽي ميچون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته بنگلاديش ۾ هندن مٿان مبينا ظلم ٿي رهيو آهي انڪري ميچون ختم ڪيون وڃن.
رپورٽ موجب، هندو جانا جگروتي طرفان ميچون جلد کان جلد ختم ڪرڻ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کي خط پڻ لکيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 19 سپٽيمبر کان چنائي ۾ شروع ٿي رهي آهي ۽ 12 آڪٽوبر تائين جاري رهندڙ دوري ۾ ٻه ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل آهن.
ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچون چنائي، ڪانپور، گواليار، دهلي ۽ حيدرآباد ۾ شيڊيولڊ آهن جڏهن ته ميچن دوران مختلف هنڌن تي مظاهرن جو انديشو پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.