فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ جاري چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ ميچ دوران شاداب خان جي شاهين آفريدي تي ڪاوڙ ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
ميچ دوران ميدان تي بيٽرن ۽ بالرن جو هڪٻئي تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، اڪثر بالرن کي خراب بال ڪرائڻ تي ڪاوڙ ايندي آهي يا جڏهن بيٽر ڇڪو هڻندو آهي تڏهن به ائين ٿيندو آهي، پر تازو هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جيڪا ڪيئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ شاداب خان کي شاهين آفريدي تي ڪاوڙ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اقبال اسٽيڊيم ۾ لائنز ۽ پينٿرز وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ لائنز جي اننگز دوران هڪ وڊيو سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
ميچ ۾ شاداب خان جي ٽيم پينٿرز 47 هين اوور ۾ 283 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، لائنز جي ٽيم گهربل هدف جي جواب ۾ 199 رنسون ٺاهي سگهي .
لائنز جي بيٽنگ جي دوران 29 هين اوور ۾ شاداب شاهين کي بال هلايو ۽ سندس خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا پر شاهين ڪنهن به قسم جو ردعمل نه ڏنو ۽ خاموش رهيو، جڏهن ته ٻئي اوور ۾ شاهين اساما مير جي بال تي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو .
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو تي واهپيدار تبصرا ڪيا ۽ ان صورتحال کي مڪمل طور نارمل قرار ڏنو، واهپيدارن موجب، آن فيلڊ بالر جو ڪاوڙجڻ يا تيز ٿيڻ معمولي ڳالهه آهي.
واضح رهي ته شاهين جي ٽيم لائنز لاڳيتو ٻي ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، هن وقت لائنز جي پوائنٽس ٽيبل تي چوٿين پوزيشن آهي.
Prev Post
You might also like