ڪنڌڪوٽ پوليس 37 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بڊاڻي ٿاڻي جي حدن مان 37 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، جن ۾ 10 عورتون ۽ 5 ٻار به شامل آهن.
ڪنڌڪوٽ پوليس بڊاڻي ٿاڻي جي حدن مان 37 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، انهن ماڻهن کي مزدوري جو ڏٺو ڏئي ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ گهرايو ويو هو.
پوليس وقت سر اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي سڀني ماڻهن کي ڪچي ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ کين حفاظت سان ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته اغوا کان بچي ويندڙن ۾ 10 عورتون ۽ 5 ٻار به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.