ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽِين پوزيشن، قومي ٽيم لاءِ پي ايڇ ايف جو وڏو اعلان

پاڪستان هاڪي فيڊريشن ( پي ايڇ ايف ) جي صدر مير طارق حسين بگٽي ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ بهترين ڪارڪردگي ذريعي ٽِين پوزيشن ماڻيندڙ قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن ۽ عملي لاءِ في ڪيس سئو ڊالرز ڪيش پرائز جو اعلان ڪيو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر مير طارق حسين بگٽي قومي ٽيم جي واکاڻ ڪئي ۽ هاڪي ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيشل لاءِ سئو، سئو ڊالر ڪيس پرائز جو اعلان ڪيو.
ان کانسواءِ ايونٽ دوران انجري جو شڪار ٿيندڙ ابوبڪر محمود لاءِ پي ايڇ ايف طرفان سموريون سهولتن سان علاج ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.