نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اُٿارڻ تي مودي سرڪار ايراني ليڊر آيت الله علي خامنه اي خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي طرفان پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ميانمار، غزا ۽ ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي بدتر حالت تي آواز اُٿارڻ کانپوءِ ڀارتي حڪومت طرفان ان تي سخت ردعمل ڏنو ويو آهي.
آيت الله خامنه اي جي ٽوئيٽ تي پنهنجي ردعمل ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت بيان کي ناقابلِ قبول قرار ڏيندي چيو ته اِهو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت موجب، اقليتن جي حقن تي ڳالهائيندي ملڪن کي مشورو آهي ته ٻين جي باري ۾ بيان ڏيڻ کان اڳ پنهنجو رڪارڊ ڏسو.
”ڀارتي مسلمانن خلاف آواز ڇو اُٿاريو؟“مودي سرڪار جو ايراني سپريم ليڊر جي بيان تي سخت ردعمل
You might also like